درازي، قاضي علي اڪبر

درازي، قاضي علي اڪبر

قاضي علي اڪبر درازي

قاضي علي اڪبر درازي: سچل جو شارح، قاضي علي اڪبر ولد قاضي علي محمد، 28 جولاءِ 1895ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق بکر جي قاضي خاندان سان هو. سندس وڏا مغلن جي دؤر ۾ بکر ۽ ملتان جا قاضي هئا. سندس پيءُ سنڌ جي گورنر جي درٻار جو ميمبر ۽ روهڙي شهر جي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو. قاضي علي اڪبر پنهنجي ابتدائي تعليم ٻه درجا ’ملا اسڪول‘ ۾ پڙهيو. ٽيون درجو سرڪاري اسڪول ۾ ماستر جمال الدين وٽ پڙهيو. چار درجا پاس ڪرڻ بعد ڇهين درجي تائين اي. وي اسڪول روهڙيءَ ۾ پڙهيو، جتي سندس تربيت فارسيءَ جي استاد هاسارام ڪئي ۽ منجھس تصوف ڏانهن رغبت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قاضي علي اڪبر 15 مارچ 1915ع تي درازن ۾ سخي قبول محمد جي روحاني صحبت ۾ داخل ٿيو ۽ پهرينءَ ملاقات ۾ سندس معتقد ٿي ويو. مئٽرڪ سکر هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. 1921ع ڌاري روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. بئراج کاتي ۾ سرويئر به رهيو. 1927ع ۾ اڪائونٽنٽ جنرل جي تربيت لاءِ ٽن مهينن لاءِ بمبئيءَ ويو. 1943ع ۾ سکر ۾ انسپيڪٽر ڪنٽرول پرائيز جي عهدي تي فائز ٿيو. 1950ع ۾ ٽريزري آفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. قاضي علي اڪبر جوانيءَ ۾ راڳ به ڳائيندو هو. هن شاعري به ڪئي، جنهن ۾ ’غلام اڪبر‘ تخلص ڪتب آندائين. قاضي علي اڪبر قادري طريقي سان تعلق رکندو هو. هن 1951ع ۾ سچل سرمست جي ڇهين گادي نشين سخي قبول محمد (ٻئي) جي هٿ تي بيعت ڪئي. 1964ع ۾ حج ادا ڪرڻ کانپوءِ ايران عراق به ويو. حج دوارن ’عشق حبيب‘ نالي سان هڪ ڪتاب لکيائين، سندس تصنيف ۽ تاليف ڪيل ڪتاب 53 آهن. سندس پهريون ڪتاب ’ديوان اڪبر‘ شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو سچل سرمـست ڪـو آپـريٽو اڪيڊميءَ پاران 1962ع ۾ شايع ٿيو. ان کان سـواءِ ســچــل سـرمـســت ۽ ان ســان واسـطـيــدار ڪـتـابن ۾: (1) دولهه درازي، (2) شاعر هفت زبان، (3) شهنشاهه عشق، (4) سچل سـرمـسـت (انگـريــزي)، (5) داتــا درازي (ســوانــح)، (6) ســرتـاج الـشـعـــراء، (7) سـخـــي ســـرتـــاج، (8) مختصر سوانح حيات سچل سـرمـســــت (اردو)، (9) سردار بهادر محمد بخش ’ڪـوجھـي‘، (10) ديـوان ’ڪـوجھـي‘، (11) درد جـو داسـتـان (نـثـري داســتان)، (12) ديوان آشڪار، (13) دولهه درازيءَ جي درٻار جا دُر (طالبن جو تذڪرو) شامل آهن. ان کانسواءِ سچل سرمست جون هيٺيون مثنـويـون پـڻ شايع ڪـرايـائيـن: (1) مثنوي عشق نامه، (2) مثنويدرد نامه، (3) مثنوي تارنامه، (4) مثنوي گدازنامه، (5) مثنوي رهبر نامه، (6) مثنوي رازنامه.سچل سرمست جون اردو ترجمي سان به مثنويون شايع ڪرايائين، جن ۾: (1) وحدت نامه، (2) وصلت نامه، (3) غزل بحر طويل شامل آهن ان کان سواءِ اسلامي تاريخ تي سندس هيٺيان ڪتاب ڇپـيـل آهن: (1) قرت العين الرسول صلي الله عليه وسلم، (2) بيعت رضوان، (3) عشـق حـبيـب، (4) فاتـح ســنـڌ، (5) سـفـرنامه افغانســتـان، (6) ايــران، (7) عــراق، (8) قصد تقدير ۽ تدبير، (9) خود نوشته سوانح حيات. قاضي علي اڪبر درازيءَ جا سنڌيءَ ۾ 37، اردوءَ ۾ 11، انگريزيءَ ۾ 3 ۽ سرائڪيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيل آهن. هن 30 آڪٽوبر 1981ع تي وفات ڪئي.


لفظ قاضي علي اڪبر درازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.07.28  عيسوي

سچل جو شارح، قاضي علي اڪبر ولد قاضي علي محمد، 28 جولاءِ 1895ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.


1915.03.15  عيسوي

قاضي علي اڪبر 15 مارچ 1915ع تي درازن ۾ سخي قبول محمد جي روحاني صحبت ۾ داخل ٿيو ۽ پهرينءَ ملاقات ۾ سندس معتقد ٿي ويو


1981.10.30  عيسوي

قاضي علي اڪبر درازي 30 آڪٽوبر 1981ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خفيف I
چانڊيو شهمير خان ’شهمير‘
ابن خلدون
ڄاموٽ سيد حسن علي
صاحبڏنو عباسي سائين
تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي
سٻڙ خان خدمتگار
جوکيو ڄام بجار خان
سعيد خان چغته
رئيس بروهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون